جڳتياڻي پنجابي

جڳتياڻي پنجابي: هنن جي نک ’چچڙا‘ آهي. سندن نک ۾ ايندڙ سوٽ حيدرآباد جا لالواڻي ۽ اُتم سنگهه آڪهين وارا ديوان آهن. هي پنجاب کان سنڌ ۾ آيا هئا، تنهنڪري ’سنڌي پنجابي‘ سڏجن ٿا ۽ پنهنجي وڏي ڏاڏي سيٺ جڳتراءِ جي نالي پٺيان پاڻ کي ’جڳتياڻي‘ ڪوٺائين ٿا. هن آڪهه مان سيٺ چاندو مل مکيه هو. جنهن 1835ع ۾ ميرن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد ۾ جواهرات جو ڌنڌو شروع ڪيو. سنڌ جي ميرن کي هيرا ۽ جواهرات کپندا هئا، ته سيٺ چاندو مل کين اهي پهچائيندو هو. جنهن ڪري هن آڪهه وارا ’ميرن جا جواهري‘ سڏجڻ ۾ آيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو